شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي: عطاءُالله تارڙ

 اطلاعات واري وفاقي وزير عطاءُالله تارڙ چيو آهي ته شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، معاشي ۽ علاقائي رابطن کي هٿي پڻ ملندي.شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس جي تيارين جي حوالي سان پرڏيهي ميڊيا سان ڳالهيون ڪندي عطاءُالله تارڙ چيو ته پاڪستان اهم يونٽ ايس سي او جي ميزباني ڪري رهيو آهي. ايس سي او جي لاءِ اسلام آباد کي خوبصورتي سان  سجايو ويو آهي.هن چيو ته ڪانفرنس علائقائي تعاون جي حوالي سان اهم فورم آهي، شنگهائي تعاون تنظيم ڪانفرنس پاڪستان لاءِ گيم چينجر ثابت ٿيندي، ان سان معاشي ۽ علاقائي رابطن کي هٿي ملندي، ايس سي او سمٽ جي سائيڊ لائين تي  ملڪ جي سربراهن جون ٻطرفيون ملاقاتون به ٿينديون. پاڪستان خطي ۾ واپار ۽ امن کي هٿي ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، واپار ۽ سرمائيڪاري جي حوالي سان آزادانه پاليسي تي عمل پيرا آهيون.هن چيو ته پاڪستان عالمي سطح تي اڳيان اچي رهيو آهي. ملائيشيا جي وزيراعظم جو ڪامياب دورو رهيو، دوري ۾ ٻطرفا لاڳاپا، سرمائيڪاري ۽ تعاون وڌائڻ تي ڳالهيون ڪيون ويون. ملائيشيا جي وزيراعظم پاڪستان جي برآمدات وڌائڻ جو يقين ڏياريو، چانور، حلال گوشت سميت برآمدات سان ٻنهي ملڪن جا لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا.عطاءُالله تارڙ چيو ته سعودي وزير سرمائيڪاري جي سربراهي ۾ وفد پاڪستان  جو ڪامياب دورو ڪيو. سعودي شهزادي محمد بن سلمان پاڪستان سان واپار وڌائڻ ۾ دلچسپي ظاهر ڪئي آهي، سعودي عرب سان 2.2 ڊارب ڊالر جي مفاهمتي ياداشتن تي صحيحون ڪيون ويون آهن.وفاقي وزير چيو ته ملڪ ۾ مهانگائي گهٽ ٿي 6.9 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، واپاري خساري ۾ به لاڳيتو گهٽتائي آئي آهي جڏهن ته اسان جي برآمدات ۾ به 14 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي.عطاءُالله تارڙ وڌيڪ چيو ته وزيراعظم شهباز شريف جو تاجڪستان جو دورو انتهائي مفيد رهيو، چيني وزيراعظم جو دورو پاڪستان سي پيڪ جي حوالي سان گيم چينجر ثابت ٿيندو. سي پيڪ جي ٻئين مرحلي ۾ به سٺي اڳڀرائي ٿي رهي آهي.