شهدادڪوٽ ۾ ڪجهه ڏينهن اڳ قتل ڪيل اسڪول ٽيچر صدف حاصيلو کي قتل ڪرڻ جو ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، 29 ورهين جي اسڪول ٽيچر صدف حاصيلو کي قتل ڪرڻ جو سبب رخصتي کان انڪار ڪرڻ ٻڌايو پيو وڃي. پوليس موجب مقتول جي ننڍي ڀاءُ رضوان حاصيلو جي فرياد تي قمبر سٽي ٿاڻي تي ايف آءِ آر 124/2025 داخل ڪئي وئي. پوليس جو چوڻ آهي ته ايف آءِ آر ۾ هڪ ئي جوابدار پوليس آفيسر فريد حسين حاصيلو کي نامزد ڪيو ويو آهي. داخل ڪيل ايف آءِ آر موجب مقتول صدف حاصيلو جي شادي هڪ سال اڳ پوليس اهلڪار فريد حسين حاصيلو سان ٿي هئي ايف آءِ آر جي متن ۾ ٻڌايو ويو آهي ته پوليس اهلڪار مٿس رخصتي لاءِ دٻاءُ وجهي رهيو هو، هو ڪيترائي ڀيرا هٿيار کڻي صدف حاصلو جي گهر آيو ۽ ڌمڪيون پڻ ڏنيون، پوليس اهلڪار جو رويو سٺو نه هئڻ تي صدف شادي ختم ڪرڻ چاهي ٿي، مقتول صدف حاصيلو عدالت ۾ به طلاق لاءِ درخواست داخل ڪرائي هئي. جنهن کان پوءِ جوابدار پاران اسڪول کان گهر ويندڙ صدف کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو ويو.