شهدادڪوٽ ۾ اسپتال بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران تعلقي اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري خلاف 114 ڏينھن کان احتجاجي مظاهرو جاري آهي. مظاهرين ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، زاهد مگسي، شبير مگسي، وارث کوسو ۽ ٻين ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري جي ڪرپشن خلاف ھلندڙ جدوجھد کي 114 ڏينھن گذري چڪا آھن، شھر جون سموريون سياسي، سماجي، مذھبي ۽ قومپرست جماعتن پاران مسلسل احتجاج ڪيو پيو وڃي پر ڪو به ادارو ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري خلاف نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ڪونھي. ھنن چيو ته اسپتال ۾ دل جي شعبي سميت ڪوبه شعبو ڪونھي جنھن ڪري شھر جا ماڻھو ننڌڻڪا ٿي مري رھيا آھن. ھنن چيو ته ڪجھ وقت اڳ نوجوان ميرمحمد ميراڻي دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ تڙپندي فوت ٿي ويو. ھينئر شھر جو سياسي سماجي اڳواڻ سردار مگسي فسٽ ايڊ نه ملڻ ڪري دل جي تڪليف سبب اسان کان وڇڙي ويو. ھنن چيو ته ميل ڊاڪٽرن ۽ في ميل ڊاڪٽرن جي تمام گهڻي کوٽ آھي ڪيترائي ئي ڊاڪٽر سرڪاري ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ پنھنجون خانگي اسپتالون ھلائي رھيا آھن، دوائن سميت ٻين سھولتن جي پڻ کوٽ آھي، مريضن سان ڊاڪٽرن جو رويو صوبيدارن جھڙو آھي جڏھن ته اسپتال ۾ صفائي نالي ماتر آھي ۽ مريضن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت داخل مريضن جي کاڌي جي بجيٽ ۾ پڻ گھوٻيون ھنيون پيون وڃن. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري کي فورن ھٽائي سندن انڪوائري ڪرائي وڃي.شهدادڪوٽ ۾ اسپتال بچايو جدوجهد ڪاميٽي پاران تعلقي اسپتال ۾ بنيادي سهولتن جي کوٽ ۽ ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري خلاف 114 ڏينھن کان احتجاجي مظاهرو جاري آهي. مظاهرين ڪامريڊ حيات تنيو، حبدار ميرجت، ذوالفقار مگسي، زاهد مگسي، شبير مگسي، وارث کوسو ۽ ٻين ڪوٽوموٽو چوڪ تي احتجاجي مظاھري کي خطاب ڪندي ڪيو. ھنن چيو ته اسپتال جي ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري جي ڪرپشن خلاف ھلندڙ جدوجھد کي 114 ڏينھن گذري چڪا آھن، شھر جون سموريون سياسي، سماجي، مذھبي ۽ قومپرست جماعتن پاران مسلسل احتجاج ڪيو پيو وڃي پر ڪو به ادارو ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري خلاف نوٽيس وٺڻ لاءِ تيار ڪونھي. ھنن چيو ته اسپتال ۾ دل جي شعبي سميت ڪوبه شعبو ڪونھي جنھن ڪري شھر جا ماڻھو ننڌڻڪا ٿي مري رھيا آھن. ھنن چيو ته ڪجھ وقت اڳ نوجوان ميرمحمد ميراڻي دل جي تڪليف سبب اسپتال ۾ تڙپندي فوت ٿي ويو. ھينئر شھر جو سياسي سماجي اڳواڻ سردار مگسي فسٽ ايڊ نه ملڻ ڪري دل جي تڪليف سبب اسان کان وڇڙي ويو. ھنن چيو ته ميل ڊاڪٽرن ۽ في ميل ڊاڪٽرن جي تمام گهڻي کوٽ آھي ڪيترائي ئي ڊاڪٽر سرڪاري ڊيوٽي ڪرڻ بجاءِ پنھنجون خانگي اسپتالون ھلائي رھيا آھن، دوائن سميت ٻين سھولتن جي پڻ کوٽ آھي، مريضن سان ڊاڪٽرن جو رويو صوبيدارن جھڙو آھي جڏھن ته اسپتال ۾ صفائي نالي ماتر آھي ۽ مريضن لاءِ پيئڻ جي صاف پاڻي سميت داخل مريضن جي کاڌي جي بجيٽ ۾ پڻ گھوٻيون ھنيون پيون وڃن. ھنن اعليٰ اختيارين کان مطالبو ڪيو ته ايم ايس ڊاڪٽر اسرار لاشاري کي فورن ھٽائي سندن انڪوائري ڪرائي وڃي.