شهدادڪوٽ ۾ هٿياربندن جي فارئرنگ، هڪ ڄڻو قتل

شھدادڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد بينظير ڪالوني ۾ لانگاه برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي تڪرار تان هٿياربندن جي فائرنگ ۾ 45 ورهين جو محبوب لانگاه ولد والي ڏنو لانگاه قتل ٿي ويو آهي. فائرنگ سبب پيرسن زخمي ٿي پيو، جنهن کي تعلقه اسپتال پهچايو ويو، اسپتال ۾ ڊاڪٽر ڊيوٽي تي موجود نه هنهن جنهن سبب پيرسن فوت ٿي ويو.جڏهن ته لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ قهرام مچي ويو، عيد جون خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون.هوڏانهن پيرسن جي پٽ جو چوڻ هو ته مامن سان پراڻو تڪرار هلندڙ آهي، جن اڄ فائرنگ ڪري منهنجي پيءُ کي قتل ڪيو آهي.