شهداد پور ۾ ٻن موٽر سائڪلن ۾ ٽڪر دوران هڪ ڄڻو فوت

شهدادپور : ۾ پوليس ٽرينگ ڪاليج لڳ ٻن موٽرسائيڪلن ۾ آمھون سامھون ٽڪر ٿيڻ نتيجي ۾ زخمي ٿيل پي ٽي سي ايل ملازم سردار سومرو زخمن جا تاب نه سھندي حيدرآباد اسپتال ۾ فوت ٿي ويو، جنھن جي مڙهه کي حيدرآباد کان شھدادپور لڳ حرآباد آندو ويو آهي