“شهيد صحافي جان محمد مهر جي انصاف لاءِ ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي ڌرڻو، قاتلن جي گرفتاري ۽ سنڌو تي ڌاڙن خلاف نعريبازي”

شهيد صحافي جان محمد مهر جي خون سان انصاف لاءِ پريالوءِ ڀرسان ٻٻرلوءِ باءِ پاس تي وڏو ڌرڻو هنيو ويو، جتي شهيد جي وارثن، وڪيلن، سياسي سماجي ڪارڪنن، شهرين ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي. ڌرڻي کان اڳ شهيد جي ڳوٺ چڪ جان محمد مهر مان ريلي ڪڍي وئي، جيڪا مختلف رستن کان ٿيندي ڌرڻي واري هنڌ پهتي. ڌرڻي دوران قاتلن جي گرفتاري ۽ انصاف لاءِ زور ڀري نعريبازي ڪئي وئي. شهيد جان محمد مهر جي وارثن سنڌو درياهه مان 6 ڪئنال ڪڍڻ خلاف به آواز اٿاري، ان عمل کي سنڌ سان سراسر زيادتي قرار ڏيندي چيو ته پاڻيءَ جي ڌاڙي سان زراعت تباهه ٿي رهي آهي. وڪيلن، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته هڪ دلير صحافي جي ناحق شهادت کي وسارڻ نه ڏنو ويندو، قاتلن کي قانون جي گرفت ۾ آڻڻ لاءِ احتجاج جاري رهندو. شرڪت ڪندڙن اعليٰ اختيارين کان پرزور مطالبو ڪيو ته شهيد صحافي جي خون سان انصاف ڪري قاتلن کي فوري طور گرفتار ڪيو وڃي، ۽ سنڌو درياهه مان جاري ڌاڙا بند ڪيا وڃن.