شوال جو چنڊ ڏسڻ لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ ٿيندو

پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ ڏسڻ جي لاءِ مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جو اجلاس اڄ اسلام آباد ۾ ٿيندو. مرڪزي رويت هلال ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت چيئرمين مولانا ابوالخبير آزاد ڪندو جڏهن ته صوبائي رويت هلال ڪميٽي جا اجلاس پنهنجن  پنهنجن علائقن ۾ ٿيندو. پاڪستان جي اسپيس اداري(سپارڪو) چيو آهي ته شوال جو چنڊ گذريل ڏينهن پاڪستاني وقت موجب 3 لڳي 58 منٽن تي پيدا ٿي چڪوهو، آچر تي سج لهڻ وقت چنڊ جي عمر تقريبن 27 ڪلاڪ هوندي، اڄ پاڪستان ۾ شوال جو چنڊ نظر اچڻ جا ڊگها امڪان موجود آهن. پاڪستان ۾ بوهري برادري اڄ عيدالفطر ملهائي رهي آهي جڏهن ته عوامي نيشڻل پارٽي جي سربراهه ايمل ولي خان به اڄ عيد ملهائڻ جو اعلان ڪري رکيو آهي.