شڪارپور ۾ مال جي ڦر تان ناريجا ۽ خروس برادري ۾ تڪرار شدت اختيار ڪري ويو. وڌيڪ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا.ڪچي جي ٻڪرار ناريجو ڳوٺ ۾ هٿياربندن حملو ڪري فائرنگ شروع ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ وڌيڪ 3 ڄڻا قتل ٿي ويا.پوليس موجب واقعي دوران ناريجا برادري جي 3 ڄڻن سميت 4 ڄڻا مارجي ويا آهن مارجي ويلن ۾ ربنواز ناريجو، محمد صالح ناريجو ۽ عبدالرزاق ککراڻي شامل آهن.ٻئي طرف ٻنهي ڌرين ۾ ڪيترن ئي ڪلاڪن کان فائرنگ جو سلسلو جاري هجڻ سبب مقتولن جا لاش واقعي واري هنڌ پيل آهن.