شڪارپور: عدالت طرفان علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل رمانڊ تي سکر جيل موڪلڻ جو حڪم

شڪارپور: پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور شڪارپور جي عدالت ۾ پيش، رياست مخالف تقرير ڪرڻ واري ڪيس ۾ پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور شڪارپور جي عدالت ۾ پيش ڪيو ويو.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل رمانڊ تي سکر جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.علي امين گنڊاپور کي سخت سيڪيورٽي سان بڪتربند گاڏي ۾ شڪارپور جي سول ڪورٽ آندو ويو، ذريعن موجب عدالت پوليس جي جسماني رمانڊ واري درخواست رد ڪري ڇڏي.عدالت پي ٽي آءِ اڳواڻ علي امين گنڊاپور کي جوڊيشل رمانڊ تي سکر جيل موڪلڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي.