شڪارپور ڀرسان تعلقي لکي غلام شاهه جي حد، محمود آباد ٿاڻي جي حد ۾ واقع ڳوٺ عامل مهر ۾ پراڻي دشمني جي نتيجي ۾ ٻن ڌرين وچ ۾ شديد فائرنگ جي ڏي وٺ ٿي، جنهن جي نتيجي ۾ هڪ عورت سميت 4 ڄڻا مارجي ويا، جڏهن ته 6 ڄڻا سخت زخمي ٿي پيا.فائرنگ جو واقعو ان وقت پيش آيو، جڏهن ٻنهي ڌرين جي ماڻهن هڪٻئي مٿان اوچتو حملو ڪيو. فائرنگ ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين جاري رهي، جنهن سبب علائقي ۾ ڏهڪاءُ پکڙجي ويو. مقامي ماڻهن موجب ٻنهي ڌرين مورچا بند ٿي هڪٻئي تي جديد هٿيارن سان فائرنگ ڪئي.واقعي کان پوءِ پوليس واقعي واري هنڌ پهچي وئي، پر ڇڪتاڻ جي شدت سبب علائقي ۾ امن امان قائم ڪرڻ ۾ ڏکيائيون پيش اچي رهيون آهن. پوليس ذريعن موجب فائرنگ اڃا تائين وقفي وقفي سان جاري آهي، ۽ وڌيڪ جاني نقصان جو به خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.زخمين کي ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جتي سندن علاج جاري آهي، جڏهن ته مارجي ويلن جا لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيا ويا آهن.واضح رهي ته هن علائقي ۾ قبيلائي تڪرار ڪافي وقت کان هلي رهيا آهن، جن ۾ اڳ به ڪيترائي انساني جانيون ضايع ٿي چڪيون آهن، پر انتظاميا اڃا تائين مستقل بنيادن تي امن قائم ڪرائڻ ۾ ناڪام نظر اچي رهي آهي.