شھدادپور ۾ 10ورهين جي معصوم نياڻي سان مبينا زيادتي جو انڪشاف

شھدادپور ۾ 10ورهين جي معصوم نياڻي سان مبينا زيادتي ڪرڻ جو  انڪشاف ٿيو آھي. شھدادپورشھر  جي راجپوت ڪالوني ۾  معصوم نياڻي سدرہ راجپوت کي پاڙي جي وحشي جوابدار  سندس گھر ۾ داخل ٿي مبينا زيادتي ڪرڻ جو نشانو بنائي  فرار ٿي ويو.متاثر نياڻي جي والد ارشاد راجپوت شھدادپور ٿاڻي تي پهچي اھڙي رپورٽ داخل ڪرائي موقف اختيار ڪيو آھي ته اسان ڪنهن  ڪم سان گھر کان ٻاھر ويل هئاسين ته اسان جي غير موجودگي جو پاڙيسري عامر راجپوت فائدو وٺي. اسان جي گهر ۾ داخل ٿي منهنجي نياڻي سان زيادتي ڪئي آھي. جيڪو سڄو قصو نياڻي اسان کي ٻڌايو آھي اسان سان ظلم ڪيو ويو آھي..هن رپورٽ ۾ وس وارين اختيارين جو ڌيان ڇڪائيندي انصاف جي گهر ڪئي آھي جڏھن ته جوبدار فرار ٿي ويو ھو پوليس جوابدار جي والد کي گرفتار ڪرڻ بعد کيس  آزاد ڪري ڇڏيو ٻئي پاسي بااثر ماڻھن پاران معاملي کي  لئي مٽي ڪرڻ جي ڪوشش جاري آھن.