واشنگٽن: جڳ مشهور ميسجنگ ايپ واٽس ايپ نيٺ انسٽاگرام وارو دلچسپ فيچر ڊگهي انتظار بعد متعارف ڪرائي ڇڏيو، واٽس ايپ بيٽا انفو جي رپورٽ موجب، هاڻي واٽس ايپ تي شيئر ڪيل اسٽيٽس فيس بوڪ جي اسٽوري تي پڻ شيئر ڪري سگهبا.ائين پهريان رڳو انسٽاگرام۾ ٿيندو هو ته صارفين جيڪا اسٽوري انسٽاگرام تي پوسٽ ڪندا هئا اها فيس بوڪ جي اسٽوري تي پڻ پوسٽ ڪري سگهندا هئا، انسٽاگرام ۽ فيس بوڪ کي ڪنيڪٽ ڪري صارفين ان سهولت مان لاڀ حاصل ڪندا هئا.پر هاڻي اِهو فيچر واٽس ايپ تي پڻ موجود آهي، ان ڏس ۾ واٽس ايپ بيٽا انفو طرفان اسڪرين شاٽ به شيئر ڪيو ويو آهي ته جيئن صارفين کي سمجهڻ ڪا ڏکيائي پيش نه اچي.فلحال ڄاڻايل فيچر اينڊرائيڊ جي ڪجهه بيٽا ٽيسٽرز لاءِ متعارف ڪرايو ويو آهي، ايندڙ ڪجهه ڏينهن دوران اِهو آءِ او ايس سميت سمورن صارفين لاءِ پيش ڪيو ويو ويندو.جيڪڏهن اوهان کي فيس بوڪ اسٽوري جو نئون آپشن پنهنجي واٽس ايپ جي اسٽيٽس پرائيويسي سيٽنگز ۾ نظر اچي ته ان جو مطلب آهي ته اِهو فيچر اوهان جي اڪائونٽ لاءِ فعال آهي.هاڻي صارفين جي مرضي آهي کين جيڪو اسٽيٽس وڻي اِهو فيس بوڪ جي اسٽوري تي شيئر ڪري سگهن ٿا.