ڪراچي : ۾ مزدور ڪندڙ صالح پٽ جو رهواسي عيد تي گهر واپس ايندي ٽرين مان ڪري فوت ٿي ويو آهي ڪراچي ۾ مزدوري ڪندڙ 16 ساله نوجوان حب علي پٽ عرض محمد منڱريو عيد ملهائڻ لاءِ واپس ٽرين تي پنهنجي ڳوٺ اچي رھيو ھو ته ٽرين جي دروازي تان پير ترڪڻ سبب ڪري پيو، جنهن جو اطلاع سندن وارثن کي ڏنو ويو آهي جنهن بعد ڪافي ڳولا کان پوءِ اڄ ڪراچي جي نوري آباد واري علائقي مان سندس لاش مليو آهي.انتظار ۾ ويٺل سندس گهروارن ۾ لاش گهر ۾ پهچڻ تي قهرام مچي ويو آهي، سندس امڙ کي بيهوشي جا دورا پئجي ويا ۽ عيد جون خوشيون ماتم تبديل ٿي ويون آهن.