اسلام آباد: صدرِ مملڪت آصف علي زرداري جسٽس ظفر احمد راجپوت کي سنڌ هاءِ ڪورٽ جو وقتي چيف جسٽس مقرر ڪري ڇڏيو آهي. صدر جي منظوري کان پوءِ قانون ۽ انصاف واري وزارت طرفان باضابطه نوٽيفڪيشن به جاري ڪيو ويو.نوٽيفڪيشن موجب، جسٽس ظفر احمد راجپوت وقتي چيف جسٽس طور عهدي جو حلف کڻڻ کان پوءِ ذميواريون سنڀاليندو ۽ جوڊيشنل ڪميشن آف پاڪستان طرفان مستقل چيف جسٽس جي مقرري تائين عهدي تي رهندوبيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته جسٽس ظفر احمد راجپوت هن وقت سنڌ هاءِ ڪورٽ جو سينيئر ترين جج آهي. هاءِ ڪورٽ جي ويب سائيٽ مطابق، هو 16 آڪٽوبر 1965 تي حيدرآباد ۾ پيدا ٿيو. هن گورنمنٽ سٽي آرٽس ڪاليج مان بيچلر آف آرٽس، گورنمنٽ جناح لا ڪاليج مان ايل ايل بي ۽ سنڌ يونيورسٽي مان عالمي لاڳاپن ۾ ماسٽرز ڪئي.جسٽس ظفر احمد راجپوت 1990 ۾ سنڌ بار ڪائونسل ۾ وڪيل طور رجسٽر ٿيو ۽ 2002 ۾ هاءِ ڪورٽ جو وڪيل بڻيو. ٽن سالن تائين وڪالت ڪرڻ کان پوءِ 1993 ۾ عدالتي مئجسٽريٽ طور چونڊيو ويو. کيس 31 آگسٽ 2013 تي سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جج طور ترقي ڏني وئي.