صدر آصف زرداري سان چيني سفير جي ملاقات، پاڪ ڀارت صورتحال تي ڳالهيون

پاڪستان ۾ چين جي سفير چيانگ زني ڊونگ جي ايوان صدر ۾ صدر آصف علي زرداري سان ملاقات ٿي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي معاملن، خاص طور تي پهلگام واقعي کان پوءِ پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ موجوده صورتحال تي ڳالهيون ڪيون ويون. صدر آصف علي زرداري ڀارتي حڪومت جي تازي غير ذميواراڻه ۽ جارحاڻي بيانن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته ڀارت جي قدمن سان علاقائي امن، استحڪام کي خطرو آهي.  چيني سفير چين ۽ پاڪستان وچ ۾ پائيدار ۽ آزمايل دوستي جو ارادو ڪندي چيو ته  ٻئي ملڪ پاڙيسري ۽ ڀائر آهن، هميشه مشڪل وقت ۾ هڪ ٻئي جو ساٿ ڏنو آهي. چيني سفير پاڪستان جي نقطه نظر کي چين سان شيئر ڪرڻ تي صدر آصف علي زرداري جو ٿورو ادا ڪيو. چيانگ زئي ڊونگ چيو ته چين ڏکڻ ايشيا ۾ امن، استحڪام جي ٻنهي ملڪن جي گڏيل خواهش کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ هميشه پاڪستان جي حمايت ڪندو. صدر آصف زرداري مشڪل وقت ۾ پاڪستان جو ساٿ ڏيڻ لاءِ چيني حڪومت جي حمايت جي  تعريف ڪئي.