صدر آصف علي زرداري ٻن اهم ترميمن جي منظوري ڏئي ڇڏي


صدر آصف علي زرداري اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽيز ترميمي بل 2025 جي منظوري ڏئي ڇڏي. بل جي منظوري کان پوءِ ڊيوٽيز پهريون جولاءِ 2020 کان موثر هونديون. بل قومي اسيمبلي ۽ سينيٽ مان منظور ٿيڻ کان پوءِ صدر ڏانهن اماڻيو ويو هو. بل جو مقصد چين جي گرانٽ سان هلندڙ منصوبن تي اينٽي ڊمپنگ ڊيوٽيز لاڳو ٿيڻ بابت قانوني وضاحت مهيا ڪرڻ آهي. ياد رهي ته آڪٽوبر 2022 ۾ گوادر ۾ جاري منصوبن جي حوالي سان اجلاس ۾ هن ترميم جو فيصلو ڪيو ويو هو. ان سان گڏ، صدر آصف علي زرداري نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ (ري آرگنائزيشن) ترميمي بل 2025 جي به منظوري ڏئي ڇڏي. قومي اسيمبلي هن بل جي منظوري 12 آگسٽ 2025 تي پنج پرائيويٽ ميمبرز بلز سان گڏ ڏني هئي. بل جو مقصد نيشنل انسٽيٽيوٽ آف هيلٿ جي ڍانچي ۽ گورننس کي وڌيڪ موثر بڻائڻ، اداري جي ٻيهر تنظيم ۽ ڪارڪردگي ۾ سڌارو آڻڻ آهي.