ضلعي ڪشمور, ڪنڌڪوٽ ۾ امن خواب بڻجي ويو, علائقي جا ڏوهاري آپي کان ٻاهر, پوليس تي حملا ۽ پوليس اهلڪارن جون شهادتون بدستور جاري ته ٻئي طرف عوام اغوائن جي ٽارگيٽ تي ضلعي ڪشمور جي مختلف علائقن ۾ هڪ ئي رات ڏوهارين جون ڪيتريون ئي ڪهري ڪاروايون, پوليس کي پوڙي پيرن ۾ ,,,, رات دير سان بخشاپور واري علائقي سومر لاڙو مين انڊس ھائي وي تي پوليس موبائيل مٿان ڌاڙيلن جي جديد ھٿيارن سان فائرنگ جي نتيجي ۾ وڏو منشي بخشاپور مسعود احمد بنگلاڻي ۽ ھيڊ ڪانسٽيبل ادب حسين جکراڻي ڏوھارين سان مقابلي دوران شھيد ٿي ويا ۽ 2 پوليس اھلڪار ڊرائيور صدام حسين جکراڻي ۽ احسان علي سخت زخمي ٿي پيا آھن, شهيد اهلڪارن جا لاش ۽ زخمي اهلڪار سول اسپتال ڪنڌڪوٽ منتقل, اهڙي واقعي جي اطلاع بعد مقتول شهيد ۽ زخمي اهلڪارن جا وارث علائقي واسي ۽ شهري وڏي تعداد ۾ اسپتال پهچي ويا, اهڙي واقعي جي اطلاع بعد ايس, ايس, پي ڪشمور ضلعي جي مختلف ٿاڻن مان اضافي نفري گهرائي واقعي واري هنڌ رواني ڪري ڇڏي, آخري اطلاعن موجب ڏوهاري پوليس جي پهچڻ کان اڳ ئي فرار ٿي وڃڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا, ضلعي ۾ ايمرجنسي واري صورتحال ٻئي طرف ضلعي اندر هڪ ئي رات ٿيندڙ 3 مختلف وارداتن ۾ ڏوهاري ڪنڌڪوٽ لڳ دبئي ھوٽل وٽ ھٿياربندن ھٿان نوجوان ایڈووکیٹ مزار علي گولو معصوم ٻار سميت اغوا. فائرنگ ۾ عورتن, معصوم ٻارڙي سميت 4 ماڻھون زخمي, زخمين کي سول اسپتال ڪنڌڪوٽ آڻي ابتدائي طبي امداد ڏني ويئي۔هوڏانهن ڪنڌڪوٽ جي علائقي زورڳڙھ ڀرسان نئون روڊ تي ڌاڙيلن جي ٽرڪ تي سڌي فائرنگ ڊرائيور کي اغوا ڪري ڌاڙيل آساني سان فرار ٿي ويا۔ ضلعي ۾ امن امان جي بدتر صورتحال سبب شھري سخت خوف ۾ ورتل آھن جڏهن ته ڪنڌڪوٽ شھر م معصوم نينگر ثمرت ڪمار دبئي ھوٽل ڀرسان ايڊوڪيٽ مزار علي گولو ء سندس ڀائيٽي جي بازيابي لاء شٽر بند ھڙتال ڪئي وئي سڄو ڪاروبار مڪمل طور بند ثمرت ڪمار مرزاپور محلي کان ريلي ڪڍي پريس ڪلب تائين پھتي ھوڏانھن ايڊوڪيٽ مزار علي گولو ء سندس ڀائيٽي جي بازيابي لاء وارثن انڊس ھاء وي بند ڪري ڌرڻو ھڻي ويھي رھيا ء ٽائرن کي باھيون ڏنيون ء پوليس خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي ڌرڻي دوران ٻن طرفن کان گاڏيون بيھجي ويون مسافر سخت گرمين پريشان م مبتلا ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته ضلعو ڪشمور امن امان جي حوالي سان مڪمل طور ناڪام ويو اسان چونڊيل نمائيندا خاموش بڻيل آهن ھر روز ڏينهن رات ماڻهو اغوا ٿين ٿا ايس ايس پي ڪشمور عرفان علي سمون مڪمل طور ناڪام ويو آهي پنهنجا پوليس جوان مارجي رھيا آهن ھنن اعلي اختيارن کان مطالبو ڪندي چيو ته اغوا ٿي ويل مغوين بازياب ڪرائي ڏنو وڃي