عابد شير علي حڪومت کان ثاقب نثار تي آرٽيڪل 6 تحت ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

مسلم ليگ(ن) اڳواڻ ۽ اڳوڻي وزير عابد شير علي حڪومت کان اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف آرٽيڪل 6 جي تحت ڪيس هلائڻ جو مطالبو ڪري ڇڏيو.لاهور ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي عابد شير علي چيو ته عمران خان جو ملڪ دشمن سازش ۾ اهم ڪردار آهي. جسٽس کوسه، جسٽس ثاقب ۽ جسٽس گلزار هن راند جا اهم ڪردار آهن. ثاقب نثار جو نالو تاريخ جي بدترين ڪردارن ۾ آهي هن پئسا وٺي ملڪ کي وڪرو ڪيو.هن چيو ته جمهوري اڳواڻ نوازشريف ۽ ان جي خاندان کي نشانو بنايو ويو. ڪهڙن ڪردارن پنهنجي ذاتي مفاد جي لاءِ پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو، بدڪردارن پنهنجي عملن ذريعي پاڪستان جو ٻيڙو ٻوڙي ڇڏيو آهي.ليگي اڳواڻ چيو ته فيض حميد عمران خان جا جلسا ڪرائيندو هو، اهو ڪهڙو انصاف آهي جو روزاني عمران خان جي ضمانت ٿي ويندي آهي، اڄ به عمران خان جي نيب نوٽيس کي ڪالعدم قرار ڏنو ويو.اڳوڻي وزير مطالبو ڪيو ته شهباز شريف ۽ پارليامينٽ اڳوڻي چيف جسٽس ثاقب نثار خلاف آرٽيڪل 6 جو ڪيس هلائين، ثاقب نثار ۽ ان جي پٽ کي گرفتار ڪيو وڃي، اڄ ثاقب نثار کي جيل ۾ هجڻ گهرجي.