عالمي بينڪ سان ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃۡڪڙي تي ڳالهيون نه ٿيون آهن: ناڻي وارو وزير

وفاقي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو آهي ته عالمي بينڪ سان ڀارت طرفان سنڌ طاس معاهدي جي ڀڃڪڙي حوالي سان ڳالهيون نه ٿيون آهن. نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته عالمي بينڪ سان ڳالهين ۾ اسان جو فوڪس ڪنٽري پارٽنرشپ تي هو، ٿي سگهي ٿو ته انهن جو ڪو شعبو انهي کي ڏسي رهيو هجي. انهي سوال تي ته ڇا پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ سان پاڪستان جي معيشت تي منفي اثرن جو امڪان نظر اچي رهيو آهي؟ ناڻي واري وزير جواب ڏنو ته جيو پاليٽيڪس ۽ جيو اڪنامڪس ٻنهي کي اسان کي ڏسڻو پوندو. اميد ته اها آهي ته پاڪ ڀارت ڇڪتاڻ ختم ٿي وڃي. ناڻي واري وزير محمد اورنگزيب چيو ته آمريڪي ٽيرف جي معاملي ۾ انشاءَالله اسان کي ڪوبه جهٽڪو نه ملندو پورو هڪ هفتو واشنگٽن ۾ هئس، منهنجي پاڪستان جي ڀائيوارن سان تفصيلي ملاقات ٿي، اها ڀائيواري اسان طرفان ڪئي وئي، اهي اڳڀرائي تي خوش هئا، انهن کي اها اميد نه هئي ته پاڪستان ايترو جلدي استحڪام طرف ويندو. ناڻي واري وزير وڌيڪ چيو ته ڀائيوارن چيو آهي ته اوهان کي هيڏانهن هوڏانهن ناهي وڃڻو ساڳئي رستي تي هلندا رهو، گڏجاڻي دوران ڀائيوارن طرفان هر قسم جي تعاون جو يقين ڏياريو ويو آهي، منرلز اينڊ مائننگ جي حوالي سان به اسان کي سٺو ريسپانس مليو آهي.