ماسڪو (انٽرنيشنل ڊيسڪ): روسي صدر ولاديمير پيوٽن عالمي سيڪيورٽي صورتحال تي ڳالهائيندي چيو آهي ته دنيا ۾ هڪ طرفي بالادستي جو دور پڄاڻي تي پهچي چڪو آهي ۽ نئون گهڻ قطبي عالمي نظام قائم ٿي رهيو آهي.
ڪريملن مان جاري ڪيل خصوصي بيان ۾ پيوٽن چيو ته يورپي يونين ۽ نيٽو اتحاد کي پنهنجي غير ذميواراڻي پاليسين مان نڪري عالمي سلامتي بابت حقيقي ڳالهين جي ميز تي اچڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته هٿيارن جي غير متوازن دوڙ سڄي دنيا جي امن کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي. هن چيو ته روس پنهنجي قومي خودمختياري ۽ سرحدن جي تحفظ تي ڪڏهن به سمجهوتو نه ڪندو.





