علي امين گنڊاپور جون خيبرپختونخواهه هائوس مان غائب ٿيڻ جون حقيقتون سامهون اچي ويون

ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جون خيبرپختونخواهه هائوس مان غائب ٿيڻ جون حقيقتون سامهون اچي ويون آهن. 5 آڪٽوبر 2024 تي احتجاج جي آڙ ۾ اسلام آباد ۾ داخل ٿيندڙ علي امين گنڊاپور جي اوچتو منظر عام تان غائب ٿيڻ جي حقيقت سامهون اچي وئي، ڪي پي هائوس مان داخل ۽ نڪرڻ جون خصوصي فوٽيج ۽ علي امين جي ڀاءُ فيصل امين جي آڊيو ڪال سامهون اچي وئي آهي. خيبرپختونخواهه هائوس اسلام آباد جي خصوصي سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ علي امين گنڊاپور کي خيبرپختونخواهه هائوس جي گيٽ تان داخل ٿيندي واضح طور تي ڏسي سگهجي ٿو. علي امين گنڊاپور خيبرپختونخواهه هائوس ۾ ڪاري شلوار قميص ۾ داخل ٿيو ۽ لباس تبديل ڪري ٻئي رنگ جي سول ڪپڙن ۾ ملبوس پوليس اهلڪارن سان گڏ خيبرپختونخواهه هائوس مان روانو ٿي ويو. سي سي ٽي وي فوٽيج ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته خيبرپختونخواهه جو وڏو وزير پنهنجي مرضي سان پنهنجي حفاظتي اهلڪارن سان گڏ خيبرپختونخواهه هائوس مان ٻاهر وڃي رهيو آهي اهڙين تصويرن مان اها ڳالهه ثابت ٿئي ٿي ته علي امين گنڊاپور مظاهرين کي پاڻ پنهنجي مرضي سان ڇڏي غائب ٿي ويو.