علي امين گنڊاپور جو مستقبل وڏ وزارت کان اڊيالا جيل نظر اچي رهيو آهي: طلال چوڌري

 پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ ۽ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته علي امين گنڊاپور جو مستقبل وڏ وزارت کان اڊيالا جيل نظر اچي رهيو آهي.پنهنجي وڊيو بيان ۾ سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته جيڪي پئسا ڪي پي ڪي جي عوام تي لڳڻ گهرجن ها، اهي جلوسن، اسلام آباد ۾ چڙهائي تي لڳايا ويا، پي ٽي آءِ جي جلسن ۾ ڌمڪين کان علاوه ٻيو ڪجهه نه هو.طلال چوڌري چيو ته گذريل 6 مهينن کان  جنهن جو گوڙ هو اهو ڪالهه ختم ٿي ويو، جلسو ڪنداسين، پورو پاڪستان نڪرندو، هر شهر، گهٽي کان ماڻهو نڪرندا، پر ڪالهه اسلام آباد جو هڪڙو گرائونڊ به ڀرجي نه سگهيو.سينيٽر طلال چوڌري چيو آهي ته اسلام آباد جي جلسي ۾ تقريرون ڇا پر هرون ڀرون جون ڳالهيون هيون، مون کي ننڍپڻ جون سلطان راهي جون فلمون ياد اچي ويون جنهن ۾ وڏيون ڳالهيون ٻڌي مون کان کل نڪري ويندي هئي.ڪي پي ڪي جي وڏي وزير جي تقرير بابت مسلم ليگ(ن) جي اڳواڻ طلال چوڌري چيو ته علي امين گنڊاپور چوي ٿو ته 15 ڏينهن ۾ عمران خان کي آزاد ڪريو ٻئي صورت ۾ مان پاڻ اچي آزاد ڪرائيندس. طلال چوڌري چيو ته اهو ته ٿي سگهي ٿو ته 15 ڏينهن کان پوءِ  اوهان اڊيالا جيل اچو پر اهو نٿو ٿي سگهي ته عمران خان اڊيالا جيل کان پشاور وڃي.