سنڌ اسيمبلي جي ميمبر ۽ اڳوڻي اسپيڪر آغا سراج دراني خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور جي اسلام آباد ۾ ڪيل تقرير تي سخت تنقيد ڪئي آهي.سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خيالن جو اظهار ڪندي آغا سراج دراني چيو ته هي جيڪو ماڻهو اوهان ڪي پي ڪي ۾ ويهاريو آهي اهو پنهنجو پاڻ کي سمجهي ڇا ٿو. وڏو وزير ٿي ويو ته ڇا وڏي ڳالهه ٿي وئي، مون کي خبر آهي ته هو ڇا آهي.ن چيو ته جڏهن علي امين گنڊاپور کي هڪ ڪيس ۾ کنيو ويو ته کيس شڪارپور آندو ويو هو، اتي به هن بدتميزي ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي هئي ته ايس ايڇ او سندس وار ڪٽي ڇڏيا هئا، ان وقت به سندس وار وڏا هئا، هو چئي رهيو هو ته مان چوٽي ٻڌندس پر ايس ايڇ او سندس وار ئي ڪٽي ڇڏيا هئا.آغا سراج دراني چيو ته اسلام آباد يا پشاور ۾ ويهي وڏيون ڳالهيون ڪرڻ سان ڪجهه ناهي ٿيندو. انهي کي منهنجو پيغام ڏجو ته تون 15 ڏينهن ۾ اچ اسان به ڏسون ٿا ته ڪيئن ٿو اچين. پنهنجي زبان سنڀالي ڳالهائيندو ڪر. جنهن زبان ۾ تون ڳالهائي ٿو اها مون کي به ڳالهائڻ ايندي آهي آئون 40 سالن کان هن ايوان جو ميمبر آهيان پر اسان سياست ۾ اهڙيون ڳالهيون نه ڪندا آهيون.سنڌ اسيمبلي جي ميمبر چيو ته علي امين گنڊاپور کي پنهنجي بيان تي معافي گهرڻ گهرجي انهي سان گڏ تحريڪ انصاف جا جيڪي ميمبر هن ايوان ۾ ويٺل آهن انهن کي به پوري قوم کان معافي گهرڻ گهرجي ڇو ته هن سڀني کي گاريون ڏنيون آهن. ڇا وزيراعليٰ اهڙا هوندا آهن؟ اوهان وٽ هٿيار آهن، اوهان وٽ ماڻهو آهن ته ڇا اوهان پنهنجي مرضي هلائيندو.آغا سراج دراني چيو ته ملڪ ۾ پارلياماني نظام موجود آهي جيڪڏهن اوهان کي جلسا يا جلوس ڪرڻا آهن ته ڪريو، پر گارين جي سياست وڌيڪ وقت نه هلندي آهي، منهنجي گذارش آهي ته اوهان اسان کي نه ڀڙڪايو، جيڪڏهن اسان ڀڙڪجي وياسين ته پوءِ اسان به اهو ڪنداسين جيڪو هو ڪندو.پ پ جي سينئر اڳواڻ وڌيڪ چيو ته هي ڪو مٿان ڇت تان لهي آيل وڏو بن مانس نه آهي جو اسان هن کان ڊڄي وڃون جيڪو پٺاڻ جو رت هن جي اندر آهي منهنجي اندر به سنڌي پٺاڻ جو رت آهي، مان هن کي چڱي ريت سڃاڻان ٿو هي پهريان ڇا هو ۽ اهو به سٺي طريقي سان ڄاڻان ٿو ته هو پارليامينٽ ۾ ڪارروائي دوران ڪٿي لڪل هو. منهنجا ڀاءُ پنهنجو پاڻ تي رحم ڪر، پنهنجي قوم تي به رحم ڪر ۽ پنهنجي پارٽي تي به رحم ڪر. سياسي سسٽم تي هلڻ سکو، هر ڳالهه تي اوهان ٽپا ڏيڻ شروع ڪري ڇڏيو ٿا، مون انهي لاءِ سنڌ اسيمبلي ۾ آرام ڏيندڙ سيٽون ٺهرايون آهن ته جيئن اوهان سڪون سان ويهي سگهو.ياد رهي ته 8 سيپٽمبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ جلسي ۾ ڪي پي ڪي جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور تقرير ڪندي چيو هو ته ٻن هفتن جي مهلت ڏئي رهيو آهيان جيڪڏهن عمران خان کي آزاد نه ڪيو ويو ته اسان پاڻ پي ٽي آءِ باني کي جيل مان آزاد ڪرائينداسين. علي امين گنڊاپور پنجاب جي وزيراعليٰ مريم نواز ۽ عورت صحافين بابت به غير اخلاقي زبان جو استعمال ڪيو هو جنهن تي کيس سخت تنقيد جو نشانو بنايو پيو وڃي.