عمران خان جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بنجڻ وارو خواب اڌورو رهجي ويو، حتمي اميدوارن جي فهرست کان ٻاهر

پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني ۽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جو آڪسفورڊ يونيورسٽي جو چانسلر بنجڻ جو خواب اڌورو رهجي ويو آهي.آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جي چونڊ اميدوارن جي فهرست جاري ٿي وئي آهي جنهن ۾ پي ٽي آءِ باني عمران خان جو نالو شامل نه آهي. آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر جو عهدو روايتي ۽ علامتي نوعيت جو هوندو آهي ۽ انهي چونڊ ۾  اهم شخصيتون حصو وٺي رهيون آهن.اميدوارن ۾ برطانيه جي ڪنزرويٽر پارٽي جي اڳوڻي وزيراعظم بورس جانسن، مشهور برطانوي آرڪيٽيڪيٽ سرنورمن فوسٽر ۽ مشهور وڪيل بيرسٽر پيٽر ڪريڪ شامل آهن.گذريل ڏينهن پي ٽي آءِ اڳواڻ زلفي بخاري نجي چينل سان ڳالهيون ڪندي چيو هو ته باني عمران خان جي آڪسفورڊ چانسلر شپ جي مهم لاءِ لابنگ فرمز جون خدمتون حاصل ڪري ورتيون آهن. ذوالفي بخاري چيو ته عمران خان جي ميڊيا ۽ آڪسفورڊ جي چانسلر شپ جي مهم ڪرڻ لاءِ ٻن کان ٽن لابنگ فرمز جون خدمتون حاصل ڪيون آهن. هن اهو به چيو ته ڪنهن کي به لابنگ فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ لاءِ تڪليف نه ٿيڻ گهرجي ڇو ته مون انهي لاءِ ڪنهن کان پئسا نه ورتا آهن. يورپ ۾ مهم شروع ٿيندي ته يورپين ماهرن جون خدمتون حاصل ڪنداسين.آڪسفورڊ يونيورسٽي جي چانسلر شپ جي معاملي تي مشهور قانوني فرم ميئر ڪهڙي چيمبرز پنهنجي راءِ جو اظهار ڪندي چيو هو ته عمران خان آڪسفورڊ يونيورسٽي جي ضابطن موجب چانسلر شپ جي لاءِ اهل نه آهي. سينئر قانوندان بيوسائوٿي موجب پي ٽي آءِ باني ڏوهارين واري سزا ڪاٽي رهيو آهي جنهن جي ڪري هاڻ هو انهي عهدي جي لاءِ اهل نه آهي.