پاڪستان تحريڪ انصاف جي باني عمران خان جي ڀيڻ عليمه خان طرفان انهن جي پٽن جي ويزا لاءِ درخواست جي بيان تي وفاقي گهرو وزارت جو به رد عمل سامهون اچي ويو آهي نجي چينل کي گهرو وزارت جي ذريعن ٻڌايو ته پي ٽي آءِ باني جي پٽن جي ڪابه ويزا يا درخواست گهرو وزارت ۾ غور هيٺ نه آهي. ذريعن ٻڌايو ته فيملي ويزا يا ڪنهن به قسم جي ويزا گهرو وزارت طرفان جاري ناهي ڪئي وئي ۽ گهرو وزارت جي باري ۾ دعويٰ حقيقتن جي ابتڙ آهي. ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته اهڙي نوعيت جو ويزا صرف هاءِ ڪميشن ۽ گهرو وزارت جي دائري ۾ ايندو آهي هوڏانهن پي ٽي آءِ باني جي ڀيڻ عليمه خان چيو هو ته اڳوڻي وزيراعظم عمران خان جي پٽن قاسم ۽ سليمان لنڊن ۾ پاڪستاني هاءِ ڪميشن ۾ ويزا جي لاءِ درخواست جمع ڪرائي ڇڏي آهي ۽ ويزا جو عمل گهرو وزارت ۾ غور هيٺ آهي.