وفاقي توانائي واري وزير اويس لغاري عمران خان جي حڪومت تي آءِ پي پيز کي رليف ڏيڻ جو الزام لڳائي ڇڏيو آهي.نجي چينل جي پروگرام ۾ ڳالهيون ڪندي اويس لغاري چيو ته عمران خان جي ڪابينه 2019 جي رپورٽ کان آءِ پي پيز کي رليف ڏنو هو انهي رپورٽ کان وڏو موقعو ڄاڻي واڻي ضايع ڪيو ويو.هن چيو ته پي ٽي آءِ جي حڪومت تمام وڏو موقعو ڄاڻي واڻي ضايع ڪيو. اڄڪلهه جون حالتون آءِ پي پيز، عوام ۽ ملڪ جي لاءِ سٺيون نه آهن.اويس لغاري چيو ته عوام کي آءِ پي پيز معاملن تي جلد خوشخبري ٻڌڻ لاءِ ملي سگهي ٿي. آءِ پي پيز سان ٻيهر ڳالهين سان صارفين کي 600 ارب روپين تائين جو رليف ملي سگهي ٿو. جيترا به پلانٽس لڳايا ويا آهن انهن سڀني سان ڳالهيون جاري آهن.ٻئي طرف آصفه ڀٽو جي بجلي جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي تنقيد جو جواب ڏيندي اويس لغاري چيو ته جن فيڊرز تي بجلي چوري ٿيندي آهي اتي ڊگهي لوڊ شيڊنگ ٿي رهي آهي انهي جو سبب ڊسڪوز جي خراب ڪارڪردگي ۽ صوبائي حڪومت جي رٽ نه هجڻ آهي.ياد رهي گذريل ڏينهن قومي اسيمبلي جي اجلاس ۾ سوالن جي وقفي دوران آصفه ڀٽو اضافي بجلي جي دعويٰ باوجود 18-18 ڪلاڪ جي ڊگهي لوڊشيڊنگ تي سوال اٿاريندي چيو هو ته حڪومت جي دعويٰ آهي ته سرپلس بجلي موجود آهي ته پوءِ لوڊشيڊنگ ڇو ٿي رهي آهي.