عمران خان :سرڪاري عمارتون ساڙڻ جي عدالتي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

پي ٽي آءِ چيئرمين عمران خان مطالبو ڪيو آهي ته چيف جسٽس آف پاڪستان پنهنجي سربراهي ۾ سرڪاري عمارتون ساڙڻ جي عدالتي جاچ ڪرائي.آزادي کانپوءِ پنهنجي پهرئين خطاب ۾ عمران خان چيو ته ڀڃ ڊاهه منهنجو فلسفو ناهي، تاريخ شاهد آهي ته نواز شريف عدليا تي ڏنڊن سان حملو ڪيو، اسان 27 سالن جي سياسي تاريخ ۾ ڪا ڏڦيڙ جي ڳالهه نه ڪئي ۽ نه ڪڏهن ان تي عمل ڪيو، مان سدائين ڏڦيڙ کان بچڻ جو تاڪيد ڪيو.هن چيو الله جو شڪر آهي ته عدالت مون کي انصاف ڏنو، جمهوريت خلاف وارداتون ڪندڙن کي به عدليا کي روڪي رکيو آهي، هاڻ وقت اچي ويو آهي ته قوم عدليا ۽ آئين سان گڏ بيهي.سندس چوڻ هو ته هوريان هوريان شيون سامهون اچي رهيون آهن، مون کي دهشتگردن جيان گرفتار ڪيو ويو، اسلام آباد وڃڻ کان اڳ ئي مون کي گرفتار جو علم هو، منهنجي گرفتاري کانپوءِ پوليس چادر ۽ چارديواري جو تقدس پامال ڪيو، ٻارن ۽ عورتن کي ماريو ويو.عمران خان چيو ته پاڪستان جي سڀ کان وڏي جماعت جي ليڊر سان جيڪو ورتاءُ ڪيو ويو اهو دنيا ڏٺو، القادر ٽرسٽ سان منهنجي ذات کي ڪو فائدو نه ٿيو، نيب ان ڪيس ۾ منهنجو مفاد نٿو ٻڌائي سگهي.هن مطالبو ڪيو ته سرڪاري عمارتون ساڙڻ واري عمل جي عدالتي جاچ ڪرائي وڃي، چيف جسٽس پنهنجي سربراهي ۾ جاچ ڪرائي.تحريڪ انصاف چيئرمين آخر ۾ هڪ ڀيرو ٻيهر چيف جسٽس عدليا سان يڪجهتي جي اظهار لاءِ عوام کي آچر تي گهرن مان نڪرڻ جي اپيل ڪندي چيو ته آئين، عدليا ۽ پنهنجي ٻارن جي آزادي لاءِ ٻاهر نڪرو.