عمران خان هاڻي سرينڊر ڪري ته آءِ جي کي حڪم ٿا ڏيون ته کيس گرفتار نه ڪري: عدالت

اسلام آباد: عمران خان خلاف توشه خانه ڪيس جي ٻڌڻي ۾ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن ڪورٽ اسلام آباد جي جج ظفر اقبال چيو آهي ته عمران خان هاڻي سرينڊر ڪري ته مان آءِ جي کي حڪم ڏيان ٿو ته کيس گرفتار نه ڪري.اڄ ٻڌڻي شروع ٿي ته عمران خان جي وڪيل خواجه حارث اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جو وارنٽ برقرار رکڻ جو فيصلو پڙهي ٻڌايو. جج چيو ته هاءِ ڪورٽ جو فيصلو اڃان تائين عدالتي طريقيڪار کان سيشن عدالت کي ناهي مليو. اوهان کي ڇا لڳي ٿو ته ڪيس ٻڌڻ جوڳو هجڻ بابت اليڪشن ڪميشن کي نوٽيس ڏيڻ گهرجي؟ مسئلو هڪ سيڪنڊ ۾ حل ٿي سگهي ٿو. عمران خان ڪٿي آهي؟ عمران خان ذاتي حيثيت ۾ عدالت ۾ ڪٿي پيش ٿيو آهي؟ انڊر ٽيڪنگ جو ڪانسٽيپٽ ڪٿي آهي؟وڪيل خواجه حارث چيو ته ڇا ضروري آهي ته عمران خان کي گرفتار ڪري عدالت ۾ پيش ڪيو وڃي.؟ جج ريمارڪس ڏنا ته اسان چاهيون ٿا ته عمران خان عدالت اچي، هو عدالت ۾ پيش ڇو نه پيو ٿئي.؟ سبب ڇا آهي؟ قانون موجب عمران خان کي پوليس کي مدد ڪرڻي آهي. مزاحمت ناهي ڪرڻي. عمران خان پوليس سان مزاحمت ڪري سِين ٺاهيو.وڪيل خواجه حارث چيو ته عمران خان ڇوٽ نه پيو گهري، عدالت اچڻ چاهي ٿو، توهان عمران خان جي اندر ٽيڪنگ جي درخواست منظور ڪري وارنٽ رد ڪريو، ٻيو آپشن اهو آهي ته ضمانت وٺي ضمانت ٿيڻ جوڳا گرفتاري وارنٽ جاري ڪريو.جج رمارڪس ۾ چيو ته پاڪستان ۾ ئي نه پر دنيا جو سڀ کان وڌيڪ مهانگو وارنٽ عمران خان جو بڻجي ويو آهي. غريب ملڪ جا ڪروڙين روپيا وارنٽ تي خرچ ٿي ويا، گرفتاري وارنٽ قانون موجب جاري ٿيو، مزاحمت ڇو ٿي؟عمران خان جي وڪيل خواجه حارث چيو ته عمران خان پاڻ چئي رهيو آهي ته مان عدالت ۾ اچڻ چاهيان ٿو، عمران خان ڇوٽ نه پيو گهري، عدالت اچڻ چاهي ٿو. ڇا هن وقت ضمانت نه ٿيڻ جوڳن گرفتاري وارنٽ جي فيصلي جي ضرورت آهي؟ خواجه حارث گرفتاري وارنٽ معطل ڪرڻ جي استدعا ڪري ڇڏي. جنهن کان پوءِ عدالت اليڪشن ڪميشن کي به جواب پيش ڪرڻ لاءِ نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.