عمران خان : پنهنجا ٻار ٻاهر رکي ٻين جي ٻارن کان فوج تي حملا ڪرائي رهيو آهي: ڪامران ٽيسوري

سنڌ: جي گورنر ڪامران ٽيسوري چيو آهي ته عمران خان پنهنجا ٻار برطانيا ۾ رکي ٻين جي ٻارن کان فوج تي حملا ڪري رهيو آهي.
ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ڪامران ٽيسوري چيو ته عمران خان جي گرفتاري تي پي ٽي آءِ ڪارڪنن جو ردعمل پاڪ فوج ڏانهن ئي ڇو هو؟هن چيو ته عمران خان اڳ ۾ پاڪستان لاءِ ۽ هاڻ ٻين لاءِ کيڏي رهيو آهي، هو ملڪ لاءِ سيڪيورٽي رسڪ آهي ۽ سندس ايجنڊا رڳو پاڪ فوج کي بدنام ڪرڻ آهي.سندس چوڻ هو ته چيف جسٽس جوابدار جي آجيان ڪرڻ جي نئين روايت وڌي آهي، هاڻ ان تي قائم رهڻو پوندو، ايندڙ ڪوبه جوابدار بڪتربند نه مرسڊيز ۾ گهرايو ويندو، عمران خان کي اين آر او ملي چڪو آهي.