پاڪستان پيپلز پارٽي جي چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان پنهنجي سياست کي چمڪائڻ ۽ ڪيسز ۾ رليف وٺڻ جي لاءِ هر اداري تي حملو ڪيو آهي.قومي اسيمبلي جي اجلاس دوران خيالن جو اظهار ڪندي پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو ته رحيم يار خان جي ضمني چونڊن ۾ گارين ۽ نفرت جي سياست کي شڪست ملي. منهنجا چونڊيل سپاهي ووٽ جي طاقت سان هتي پهتا، منهنجا چونڊيل سپاهي نه جهڪڻ وارا آهن نه ئي ڊڄندا آهن، منهنجا سپاهي هر فتني جو مقابلو ڪري سگهن ٿا.هن چيو ته رحيم يار خان جي عوام ٻڌائي ڇڏيو ته هو قيدي نمبر 804 سان گڏ نه آهي. رحيم يار خان پيپلز پارٽي جي اميدوار کي ڪامياب ڪري نفرت جي سياست کي شڪست ڏني. پاڪستاني عوام هن وقت سازشي سياست سان گڏ بيٺل نه آهي.پ پ چيئرمين چيو ته ڪالهه رات جمهوريت تي هڪ حملو ڪيو ويو، پي ٽي آءِ باني پنهنجي سياست چمڪائڻ ۽ ڪيسز ۾ رليف لاءِ هر اداري تي حملو ڪيو، پي ٽي آءِ جاچ ڪري. عمران خان جيڪي ڪالهه ڳالهيون ڪيون ڇا اهو انهي جو ئي بيان هو؟ بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته عمران خان طرفان موجوده چيف جسٽس جي توهين ڪئي وئي آهي. ٻئي طرف موجوده آرمي چيف تي ڪالهه سياسي الزام لڳايا ويا آهن جيڪي الزام لڳايا ويا آهن، پي ٽي آءِ باني کي انهن جي وضاحت ڪرڻي پوندي. جيڪڏهن بيان پي ٽي آءِ باني ناهي ڏنو ته اپوزيشن اڳواڻ يا پارٽي چيئرمين انهي جي وضاحت ڪن.