عمران خان ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، کيس وڌيڪ رليف ڏيڻ ملڪ سان زيادتي هوندي: شرجيل ميمڻ

شرجيل ميمڻ چيو آهي ته عمران خان پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري ورتو آهي، هاڻ ان جو بچڻ مشڪل ئي نه پر ناممڪن آهي. پي ٽي آءِ چيئرمين کي وڌيڪ رليف ڏيڻ ملڪ سان زيادتي هوندي.سُڌ سماءُ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته پي ٽي آءِ چيئرمين پاڻ ۽ لاڏلي کي بچائيندڙ جيڪي وچ ۾ پوندا آهن اهي به چاهين تڏهن به لاڏلي جو هاڻ بچڻ ناممڪن آهي.صوبائي وزير چيو ته عمران خان جي ڪيل ڪرپشن جو ڦاهو تنگ ٿيندو پيو وڃي. پي ٽي آءِ کي وڌيڪ رليف ڏيڻ ملڪ سان زيادتي هوندي. پي ٽي آءِ اڳواڻ سياسي شخص نه هو ان کي اسان مٿان زبردستي مڙهيو ويو هو.شرجيل ميمڻ چيو ته پي ٽي آءِ اڳواڻ هڪ دفعو ٻيهر ڌمڪي ڏني آهي ته مون کي گرفتار ڪيو ويو ته 9 مئي جهڙو رد عمل ايندو ان جو مطلب اهو آهي ته اوهان 9 مئي جي واقعن کي مڃو ٿا ته ان ۾ اوهان ملوث آهيو.هن چيو ته پي ٽي آءِ چيئرمين پنهنجي ئي انٽرويو کي بي بي سي تي هلائڻ کان روڪرائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن پنهنجي انٽرويو ۾ ڏوهه جو اعتراف ڪيو. جن ماڻهن کي رياست خلاف استعمال ڪيو ويو انهن کان پي ٽي آءِ چيئرمين لاتعلقي ظاهر ڪري ڇڏي آهي.