راولپنڊي: پاڪستان مسلم ليگ(ن) جي سينئر نائب صدر مريم نواز چيو آهي ته عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن نئين چيف جسٽس جي اچڻ تائين ڪمن جي لسٽ ٺاهي رکي آهي.مريم نواز راولپنڊي ۾ وڪيل ڪنوينشن کي خطاب ڪندي چيو ته منهنجي ۽ منهنجي پارٽي تي ڪوڙا ڪيس ٺاهيا ويا. پاڪستان جي 78 سالن جي تاريخ ۾ ڪڏهن به ڪنهن وزيراعظم پنهنجو آئيني مدو پورو ناهي ڪيو. ڪنهن به عدالت ڪڏهن به ڪنهن ڊڪٽيٽر جي سامهون بيهڻ جي همت ناهي ڪئي پر انهن جو ساٿ ڏنو. عمران خان کي ٻن ڪلاڪن اندر ضمانت ملي ويندي آهي. 3-4 چار جج عمران خان سان گڏ جڏهن ته ٻيا عوام سان گڏ آهن.مريم نواز وڌيڪ چيو ته ڪڏهن ڪنهن ڊڪٽيٽر کي سيسلين مافيا جو لقب ناهي ڏنو ويو. ڪنهن آمر کي نااهل ناهي ڪيو ويو. جڏهن به نااهل ڪيو ويو ته صرف چونڊيل وزيراعظم کي ڪيو ويو. 3-4 جج عمران خان جا جڏهن ته ٻيا ججز عوام سان گڏ بيٺل آهن. هڪ ڊڄڻو انسان پاڻ کي اڳواڻ چوي ٿو. جڏهن هو گهر مان نڪرندو آهي ته پنهنجي منهن کي ڪاري ڊٻي سان ڍڪي پوءِ نڪرندو آهي. عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن کي خبر آهي ته هو ڏوهاري آهي.مريم نواز وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ وارا به ججز جي توهين ڪندا رهيا آهن. ٽولن جي صورت ۾ عدالت ويندا آهن. اسان ته ڪڏهن به اهو سوچي به نٿا سگهون. نااهلي کان نٿي ڊڄان 6 سال نااهلي ڀوڳي چڪي آهيان. پنج رڪني بينچ چيو ته عمران خان آئين ٽوڙيو آهي، ڇا آئين ٽوڙڻ ننڍو ڏوهه آهي؟ ان باوجود لاڏلي کي سزا نه ملي، عمران خان ۽ سندس سهولتڪارن ڪمن جي لسٽ ٺاهي رکي آهي. نئين چيف جسٽس جي اچڻ کان اڳ هنن کي جيڪا سهولتڪاري ڪرڻي آهي ڪري وٺن. عمران خان جا سهولتڪار ججز نئين چيف جسٽس جي اچڻ کان اڳ چونڊون چاهين ٿا.مريم نواز چيو ته اٽي لاءِ لڳايل لائنون ننڍيون، جڏهن ته انصاف گهرڻ وارن جون لائنون ڊگهيون آهن. اوهان ان شخص کي اقتدار ۾ آڻڻ چاهيو ٿا جنهن ڪرپشن ڪئي، موجوده بينچ سهولتڪاري جي ذميواري کنئي آهي. عمران خان جي پٺيان 3-4 ججز آهن جيڪڏهن انهن کي هٽايو ويو ته هو هيٺ ڪري پوندو.