لاهور: هاءِ ڪورٽ اڳوڻي وزيراعظم عمران خان ۽ ٻين اڳواڻن خلاف داخل ڪيسن جي جاچ لاءِ قائم جي آءِ ٽي جي جاچ روڪڻ جي درخواست رد ڪندي جي آءِ ٽي جي جاچ کي عدالت جي فيصلي سان مشروط ڪري ڇڏيو.لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس طارق سليم شيخ جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ پي ٽي آءِ اڳواڻن فواد چوڌري ۽ مسرت جمشيد چيما جي درخواستن تي ٻڌڻي ڪئي فل بينچ حڪم ڏنو ته جي آءِ ٽي کي جاچ کان نه روڪي رهيا آهيون، جي آءِ ٽي جاچ جاري رکندي پر ان جي جاچ عدالتي حڪم سان مشروط ٿيندي.ان کان اڳ فل بينچ وڪيلن جا دليل مڪمل ٿيڻ بعد فيصلو محفوظ ڪيو هو پي ٽي آءِ جي وڪيل نشاندهي ڪئي ته نگران حڪومت وٽ جي آءِ ٽي جوڙڻ جو اختيار ناهي، ڪيس بدديانتي جي بنياد تي ٺاهيا ويا، دهشتگردي جي خاتمي واري ايڪٽ جون شقون به شامل ڪيون ويون جيڪي انهن ڪيسن ۾ شامل نه ٿيون ٿي سگهن.ايڊووڪيٽ جنرل پنجاب شان گل درخواست جي مخالفت ڪندي ان کي ناقابل سماعت قرار ڏئي ڇڏيو.هن چيو ته جي آءِ ٽي ٺاهڻ لاءِ اختيار ڪابينا کي ڏنا هئا، اڃا جاچ ٿيڻي آهي، پي ٽي آءِ جاچ ۾ شامل ڪرڻ کانسواءِ لاهور هاءِ ڪورٽ سان رجوع ڪيو.