عمرڪوٽ: ضمني چونڊ دوران ڪيترين ئي پولنگ اسٽيشنن تي پ پ ۽ پي ٽي آءِ اميدوارن آمهون سامهون، چڪريون، نعريبازي، ڌانڌلي جا الزام

  عمرڪوٽ ۾ شروع ٿيل ضمني چونڊ دوران پي ٽي آءِ اميدوار لعل چند مالهي نبي سر جي پولنگ اسٽيشن تي پهچي ويو جتي هن يوسي چيئرمين مٿان ڌانڌلي جو الزام لڳائيندي هلندڙ پولنگ بند ڪرائي ڇڏي، لعل مالهي چيو ته رڪارڊ  ڌانڌلي ڪي پئي وڃي، پوليس پ پ اميدوارن سان گڏ آهي، يوسي چيئرمين پولنگ اسٽيشن ۾ نٿو ويهي سگهي،  اها سڌو سنئون قانون جي ڀڃڪڙي آهي. جنهن کان پوءِ لعل مالهي جي وڪيلن يوسي چيئرمين کي پولنگ اسٽيشن مان ٻآهر ڪڍي ڇڏيو. انهي موقعي تي هنن چيو ته امير حسن خاصخيلي يوسر ٿر نبي سر جو يوسي چيئرمين آهي. جنهن سبب هو پولنگ اسٽيشن ۾ نٿو ويهي سگهي. هوڏانهن ايس ايڇ او ڪنري ٽي جعلي ووٽ هٿ ڪري رد ڪرائڻ جو اعتراف ڪيو آهي، جڏهن ته ٻسٽان ۾ ڏامون مينگهواڙ پولنگ اسٽيشن تي پپيلز پارٽي ۽ پي ٽي آءِ ڪارڪنن ۾ جهيڙي جي نتيجي ۾  هلندڙ پولنگ کي بند ڪرايو ويو. انهي موقعي تي ووٽرن دانهون ڪندي چيو ته غلام نبي شاهه گورنمنٽ هاءِ اسڪول جي ٽن پولنگ تي 4300 ووٽ آهن عملي جي سستي سبب 800 ووٽ ڪاسٽ ٿي سگهيا آهن.  صوبائي وزير سيد سردار علي شاهه کاروڙو سيد پولنگ اسٽيشن تي پهچي پنهنجو ووٽ ڪاسٽ ڪيو.