عنوان: ڪنڌڪوٽ ۾ آفر آرڊر جاري نه ٿيڻ خلاف اميدوارن جو احتجاجي مظاهرو

تنگواڻي تعلقي جي آء بي اي پي ايس ٽي ۽ جي ايس ٽي پاس اميدوارن جو آفر آرڊر جاري نـ ڪرڻ خلاف اڄ وري ٻيهر ڪنڌڪوٽ ۾ ڊي اي او سيڪنڊري ۽ ڊي او پرائمري آفيس جي مين گيٽ آڏو متاثرين احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ان موقعي تي اميدوارن جاويد حسين ڀيو بلاول احمد اعواڻ پرويز چاچڙ ساگر بجاراڻي سميت ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو تـ ڊي اي او پرائمري ۽ ڊي اي او سيڪنڊري مسلسل دلاسا ڏئي اسان جي حق تي ڌاڙو هنيو آهي هنن چيو تـ ضلعي جي ٻين ڪشمور ۽ ڪنڌڪوٽ تعلقن جي جي پاس اميدوارن کي آفر آرڊر جاري ڪيا ويا آهن ھي ڪٿان جو انصاف آهي جو تنگواني تعلقـ کي ڇو آفر آرڊر کان محروم ڪيو ويو آهي هنن چيو تـ اسان وٽ امن امان جون حالتون انتھائي خراب ھجڻ ڪري بـ رمضان شريف جي ھن ڀلاري مهيني ۾ اسين صحري ۽ افطاري بـ هتي آفيس آڏو ڪندا سين ۽ عيد بـ احتجاج طور هتي ئي ڪنداسين ۽ اسان کي ڪجھـ بـ ٿيو تـ ان جا زميوار ڊي او سيڪنڊري ۽ ڊي او پرائمري ھوندا