عنوان: ڪنڌڪوٽ ۾ ارشد علي گولو جي بازيابي لاءِ ڌرڻو، روڊ بند

تفصيل موجب ڪنڌڪوٽ لڳ بخشاپور ٿاڻي جي حد م ٻه هفتا اڳ هٿياربندن جي هٿان اغوا ٿي ويل گولا برادري جو نوجوان ارشد علي پٽ اڪبر گولو بازياب نه ٿي سگهيو آهي جنھن جي بازيابي لاءِ وارثن ڪشمور ڪنڌڪوٽ جو انڊس هاءِ وي ملير وٽ بند ڪري ڇڏيو ڌرڻو هڻي ويهي رهيا سنڌ پنجاب سرحد بلوچستان ڏانهن ايندڙ ويندڙ گاڏيون بيهجي ويون مسافر سخت پريشان ان موقعي تي مظاهرين چيو ته ٻه هفتا ٿي ويا آهن پوليس رڪشا ڊرائيور ارشد گولو کي ڌاڙيلن جي چنبي مان آزاد نه ڪرائي سگهي آهي پوليس خالي دلاسا ء آسرا ڏئي رهي آهي هن وڌيڪ چيو ته اسان کي ايس ايس پي ڪشمور سان ملڻ لاءِ نه پيا ڇڏين اسان آئي جي سنڌ ڊي آئي جي لاڙڪاڻو ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان جي نوجوان ارشد علي گولو کي ڌاڙيلن جي چنبي آزاد ڪرائي ڏنو وڃي هوڏانهن پوليس ڌرڻي واري هنڌ پهچي مظاهرين سان ڳالهيون ڪري خاطري ڪرائي جنهن بعد روڊ کوليو ويو ء گاڏيون پنهنجي منزل ڏانهن روانيون ٿي ويون