عنوان: ڪنڌڪوٽ ۾ پوليس چوڪي وٽ فائرنگ، ٻه هندو واپارين زخمي

مليل ڄاڻ موجب ته ڪنڌڪوٽ اي سيڪشن ٿاڻي جي حد سبزي منڊي وٽ پوليس جي چوڪي هجڻ جي باوجود به هٿياربندن ڪاه ڪري هندو واپارين مٿان فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي م گوليون لڳڻ سبب ٻه هندو ونود ڪمار ء راجيش ڪمار سخت زخمي ٿي پيا جڏهن ته هٿياربند فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا پوليس ڪارروائي ڪرڻ بجاءِ تماشو ڏسندي رهي فائرنگ جي دوران سبزي منڊي م ڀاڄ هوڏانهن واپارين جو احتجاجي مظاهرو ڪندي چيو آهي ته پوليس جي چوڪي هجڻ جي باوجود به هٿياربندن سبزي منڊي ڪاه فائرنگ ڪئي وئي آهي هن جي باوجود به پوليس ڪارروائي نه ڪئي ايس ايس پي ڪشمور کان مطالبو ٿا ڪريون واقعي جو نوٽيس وٺي پوليس اهلڪارن مٿان ڪاروائي ڪئي وڃي