سموري ملڪ ۾ عيدالفطر جو اڄ ٽيون ڏينهن ملهايو پيو وڃي، ماڻهو خوشيون ملهائي رهيا آهن جڏهن ته روڊن ۽ تفريح وارن هنڌن تي عوام جي ڪافي رش نظر اچي رهي آهي. عيدالفطر جي موڪلن جو اڄ آخري ڏينهن آهي، ٻارن جي موج مستي اڄ به جاري رهندي، اڄ ٽئين ڏينهن به شهري موڪلن جوفائدو کڻندا، ٻارن وڏن جا کيسا خالي ڪرڻ جا منصوبا تيار ڪري ورتا، ڪو چڙيا گهر ويندو ته ڪو پارڪ ۾ جهولا جهولڻ جو مزو ماڻيندو، عيد جي پهرين ۽ ٻئي ڏينهن به تفريحي هنڌن تي ماڻهن جي ڪافي رش رهي. عيد جي ٻئي ڏينهن عورتون، ٻار، بزرگ ۽ نوجوان عيد جي خوشين ۾ مصرف رهيا، تفريح کان پوءِ ماڻهن جي وڏي انگ هوٽلن جو رخ ڪيو، ڪنهن ڪڙاهي گهرائي ته ڪنهن کي سجي پسند آئي، ڪنهن بار بي ڪيو کاڌو ته ڪنهن آئس ڪريم کاڌي، عيدالفطر جي آخري ڏينهن به ڪافي گهمڻ ڦرڻ جا پروگرام تيار آهن، ڪيترن ئي هنڌن تي تفريح، ملاقاتن ۽ دعوتن جو سلسلو جاري رهندو.