ملڪ ۾ عيدالاضحيٰ تي وڌيڪ گوشت کائڻ سبب معدي ۽ پيٽ جي تڪليفن سبب ڪيترن ئي ماڻهن کي اسپتال اندو ويو.فيصل آباد ۾ عيدالاضحيٰ تي گهڻو گوشت کائڻ سبب 100 کان وڌيڪ شهري حالت خراب ٿيڻ سبب اسپتالن ۾ پهتا. فيصل آباد جي سول، الائيڊ ۽ جنرل اسپتال ۾ فوڊ پوائزنگ جي شڪار مريضن جو رش لڳي ويو.اختيارين موجب سول ۾ 35، الائيڊ 40، جنرل اسپتال، غلام محمد آباد 27 مريض پهتا جڏهن ته ٻين اسپتالن ۾ به 40 کان وڌيڪ مريض داخل ٿيا.طبي ماهرن عوام کي مشورو ڏنو آهي ته عيد جي ڏينهن دوران عوام گهرن ۾ تيار ڪيل کاڌن جو مزو وٺي. گوشت کائي پر گهڻو گوشت کائڻ کان پاسو ڪري ڇو ته گهڻو گوشت کائڻ سان اوهان جي عيد جو مزو خراب ٿي سگهي ٿو.