عيد جون وڌيڪ موڪلون ڪرڻ تي مالڪ جي تشدد سبب کير جي دڪان تي ڪم ڪندڙ نوجوان فوت

لاهور ۾ عيد جون وڌيڪ موڪلون ڪرڻ تي دڪان جي مالڪ 18 ورهين جي ملازم کي تشدد جو نشانو بنائيندي قتل ڪري ڇڏيو، پوليس فوري ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو. رپورٽ موجب لاهور جي علائقي مناوان ۾ افسوسناڪ واقعو پيش آيو جتي هڪ دڪاندار صرف انهي جي ڪري پنهنجي 18 ورهين جي ملازم کي تشدد ڪري قتل ڪري ڇڏيو ته هن عيد تي وڌيڪ موڪلون ڇو ڪيون هيون؟ 17 ورهين جو عبدالله کير، دهي جي دڪان تي 800 روپيه ڏهاڙي تي نوڪري ڪندو هو. مقتول جي والد موجب عبدالله عيد جون موڪلون ڪري ٻيهر دڪان تي ويو ته دڪان جي مالڪ آصف عرف حسنين کيس وحشياڻي تشدد جو نشانو بنايو پيءُ زخمي  پٽ کي کڻي اسپتال پهتو پر سندس پٽ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو. اهڙي اطلاع تي مناوان پوليس فوري طور تي ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪندي نامزد جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، پوليس مقتول جي لاش کي پوسٽ مارٽم مڪمل ڪرائيندي وارثن  جي حوالي ڪري ڇڏيو. ڪيس وڌيڪ جاچ جي لاءِ انويسٽيگيشن برانچ جي حوالي ڪيو ويو آهي.