عيد ميلادالنبي ﷺ جو جشن سڄي ملڪ ۾ مذهبي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي

رحمت اللعالمين، خاتم النبيين حضرت محمد مصطفیٰ ﷺ جي ولادت جو جشن سڄي ملڪ ۾ مذهبي جوش، عقيدت ۽ احترام سان ملهايو پيو وڃي. عيد ميلادالنبي ﷺ جي موقعي تي شهر شهر، گهٽي گهٽي چراغان ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مسجدون، بلند عمارتون، بازارون ۽ روڊ ساون پرچمن سان سجايا ويا آهن. ملڪ ڀر ۾ جلوسن جو اهتمام ۽ درود و سلام جي محفلن ۾ ٻنهي جهانن جي سردار ﷺ سان محبت جو اظهار ڪيو پيو وڃي. عيد جي شروعات اسلام آباد ۾ 31 ۽ صوبائي راڄڌانين ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي. فجر جي نماز کان پوءِ مسجدن ۽ گهرن ۾ ملڪي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ اسلامي امت جي اتحاد لاءِ دعائون گهريون ويون.