رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ
بخشاپور(رپورٽ: عبدالخالق چاچڙ )جي ڳوٺ فيض آباد ۾ غالب سنڌ فيض بخشاپوري اڪيڊمي جي اهتمام هيٺ جشنِ عيد ميلادالنبي ﷺ جو ساليانو روحاني پروگرام منعقد ٿيو، جنهن ۾ علما، مشائخ، نعت خواھ ۽ عاشقانِ رسول وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪري محبت ۽ عقيدت جو جوش ڏيکاريو.تقريب جي صدارت دربار خواجہ غلام فريد جي سجاد نشين حضرت خواجہ عامر فريد ڪوريجو ڪئي. جڏهن ته درگاهه ڀرچونڊي شريف مان ميان يوسف رسول، گڊو ٽائون جي چيئرمين يحييٰ خان پٺاڻ، فقير محمد ميراني، قاسم دشتي، حاڪم علي ڀٽي ۽ ٻين معزز شخصيتن پڻ شرڪت ڪئي.اڪيڊمي جي صدر نواز علي خان ڊومڪي ٻڌايو ته تيارين لاءِ نوجوان رضاڪارن ڏينهن رات محنت ڪئي ۽ هر انتظام کي يقيني بڻايو. تقريب جو آغاز تلاوت ڪلام پاڪ سان ٿيو، جنهن کان پوءِ ميزبان نواز علي خان ڊومڪي مهمانن کي ڀليڪار ڪندي کين سنڌي ثقافت جي نشاني اجرڪ پيش ڪئي.نعت خوانن افضال حسين سهروردي، مقصود احمد بروهي ۽ محمد خالد قادر پنهنجي دلڪش آواز ۾ حضور ﷺ جي شان ۾ نعتون پيش ڪري محفل کي وجداني بڻائي ڇڏيو. تقريب جو اهم حصو حضرت خواجہ عامر فريد ڪوريجو جو پراثر خطاب رهيو، جنهن ۾ هن سرڪار ﷺ جي سيرت طيبه، اخلاق حسنه ۽ امت مسلمه ۾ اتحاد ۽ ڀائيچاري جي اهميت تي زور ڏنو. ٻين مقرر به معاشرتي هم آهنگي، اخلاقي قدرداني ۽ امن تي روشني وڌي.تقريب جي آخر ۾ اختتامي دعا ڪئي وئي، جتي شرڪت ڪندڙن اڪيڊمي جي بهترين انتظامن ۽ محنت جي واکاڻ ڪئي.