غالب سنڌ فيض بخشاپوري جو 31 هون عرس عقيدت و احترام سان ملهايو ويو ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي فيض بخشاپوري جي مزار تي چادر

غالب سنڌ فيض بخشاپوري جو 31 هون عرس عقيدت و احترام سان ملهايو ويو ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي فيض بخشاپوري جي مزار تي چادر وجهي 31 هون عرس جي شروعات ڪئي ان موقعي تي سنڌي اديبن ڏات ڌڻين غالب سنڌ فيض بخشاپوري لاء مقالا ۽ ڀيٽا طور شعر پيش ڪيا. غالب سنڌ فيض بخشاپوري بابت چيو ته اهي عظيم شاعرن ۽ اديبن علم ۽ ادب جي خدمت ڪئي آهي تنهن ڪري هر جاء تي انهن جو ذڪر ڪيو وڃي ٿو ۔غالب سنڌ فيض بخشاپوري ادب جي حوالي سان جيترو ڪم ٿيل آهي ۽ ايترو وسيع آهي جنهن تي عقل حيران ٿئي ٿو ۔ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور منور علي مٺياڻي خطاب ڪندي چيو ته علم ۽ ادب جي لاٽ ٻاري آهي ان کي هميشه جاري رکڻو آهي . جنهن ۾ نواز علي ڊومڪي جو ڪردار قابل تعريف آهي . فيض بخشاپوري جي مزار جي توسيع وارو ڪم جلد شروع ڪيو ويندو . ۽ آڊوٽورئيم لاء به ڪوششون وٺي رهيا آهيون ۔سنڌ جي انهن نالي وارن شاعرن اديبن هميشه سنڌ اندر امن جو درس ڏنو آهي سنڌي تهذيب هزارين سال کان امن جو درس ڏئي پئي ۽ ان سلسلي کي جاري رکندا سين .