ڪنڌڪوٽ : غوثپور لڳ ھڪ ڏينھن اڳ ناپر ڪوٽ ٿاڻي جي حد جي ڳوٺ ڳڙھي تيغو جي ڪچي واري علائقي ۾ سبزوئي ۽ تيغاڻي برادري جي ٻن ڌرين ۾ پراڻي خوني تڪرار تان ٿيل جھيڙي ۾ گوليون لڳڻ سبب زخمي ٿيل نوجوان گل خان سبزوئي زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي در حوالي ڪري ڇڏيو۔ ٻنھي ڌرين ۾ ڇڪتاڻ وڌي ويئي ۽ ڌريون مورچه بند ٿي ويون۔ فوتي نوجوان جو لاش گھر پھچڻ تي ڪھرام مچي ويو۔ کيس اڄ ڳوٺ جي اباڻي قبرستان ۾ مٽي ماء حوالي ڪيو ويندو۔ واضع رھي ته ڪالھ رات تيغاڻي برادري جي مبينه ھٿياربندن پنھنجي دوڪان کان ڀاء سان گڏ واپس گھر ويندڙ نوجوان گل خان سبزوئي جو اڳ وٺي مٿس جديد ھٿيارن جا منھن کولي ڇڏيا جنھن ۾ ھو پاڻ مرڻينگ ٿي پيو ۽ سندس ڀاء به زخمي ٿيو۔ وارث کڻائي کيس شڪارپور اسپتال وٺي آيا ته زخمن جا سور نه سھندي دم ڌڻي در حوالي ڪري ڇڏيائين۔ واقعي جو ڪيس اڃان تائين داخل ناھي ٿيو