غوثپور شھر جي رورل ھيلٿ سينٽر ۾ صحت جي بنيادي سھولتن ۽ ڊاڪٽرن جي کوٽ خلاف غوثپور شھر جي مسجد محلي ۾ آل پارٽيز ڪانفرنس ڪوٺائي ويئي جنھن ۾ شھر جي مختلف سياسي۔ سماجي ۔صحافي برادري ۽ سول سوسائٽي جي نمائندن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي۔ ڪيتري عرصي کان اسپتال ويراني جو ڏيک ڏيئي رھي آھي۔ شھر وارن اسپتال جي عملي ۽ دوائن جي کوٽ خلاف ڪيترائي ڀيرا احتجاج ڪيا ۽ ڌرڻا ھنيا پر صحت کاتي وارن ڪوبه نوٽيس نه ورتو۔ افسوس ته اھو آھي جو ماڻھو قتل ٿين ٿا ته ڪير سندن پوسٽ مارٽم ڪرڻ وارو ڊاڪٽر اسپتال اندر موجود ناھي۔ اڳواڻن گڏيل را۽ سان صحت کاتي جي عملدارن کي چتاء ڏيندي چيو ته ھڪ ھفتي اندر اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ ۽ غير حاضر ڊاڪٽرن توڙي عملي کي گھرائي ڊيوٽي جو پابند نه ڪيو ويو ته ايندڙ سومر تي شھر جي مئن بس اڏي تي ڌرڻو ھڻي روڊ بلاڪ ڪيو ويندو۔ ٻئي پاسي ڊي ايڇ او ڊاڪٽر سيد اعجاز احمد شاه رابطي ڪرڻ تي ٻڌايو ته جلد اسپتال جي عملي ۽ دوائن جي کوٽ سميت ٻين مسئلن کي حل ڪرائي علائقي جي عوام جي شڪايتن کي دور ڪيو ويندو ضلعي ڪشمور جي سرڪاري اسپتالن جي تباه ٿيل صورتحال تي خاموش نه ويھبو۔ اسپتالن ۾ نه ئي ڊاڪٽر ڊيوٽون ڪن ٿا ۽ نه ئي غريب ۽ مسڪين مريضن کي دوائون ملن ٿيون۔ اھڙو اظھار آل پارٽيز ڪانفرنس جي اڳواڻن شھر جي مئن پريس ڪلب غوثپور ۾ ڪوٺايل ھنگامي گڏجاڻي ۾ ڪيو۔ ان موقعي تي قومي عوامي تحريڪ جي اڳواڻن فداحسين۔ جي يو آ۽ اڳواڻ مولوي سائين بخش ۽ عبدالواحد اوڳاھي۔ ايس ٽي پي اڳواڻ ظفر شير ڀيو ۽ شير زمان بجاراڻي۔ سنڌ يونائيٽيڊ پارٽي جي اڳواڻن ڪامريڊ صفيع الله لاشاري۔ وڪيل خليل اوڳاھي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته اسان جي شھر جي سرڪاري اسپتال جي انچارج سالن کان پوکيل وڻ ڪٽائي انھن کي وڪرو ڪري ان جا پئسا ھڙپ ڪري ويٺو آھي۔ اسپتال ۾ لکين روپين جي بجيٽ ھوندي به مريض کي ڊسپوزل سئي لا۽ ٻاھر وڃڻو پوي ٿو۔ ڌڪي ڦٽي مريض کي علاج ڪرڻ بدران ترت ٻاھر موڪليو وڃي ٿو۔ اڳواڻن افسوس جو اظھار ڪندي چيو ته قبائلي جھيڙن توڙي روڊ حادثن ۾ مارجي ويل مريضن جو پوسٽ مارٽم به نٿو ڪيو وڃي۔ اڳواڻن اعلان ڪيو ته اربع ڏينھن اسپتال ۾ عملي جي کوٽ ۽ صحت جون سھولتون ميسر نه ھجڻ تي صحت کاتي خلاف غوثپور جي مئن انڊس ھا۽ وي تي ڌرڻو ھڻي سخت احتجاج ڪيو ويندو۔۔