غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاھي جو رھواسي اٺن سالن جو معصوم نينگر عمران اوڳاھي بي ايس فيڊر

غوثپور شھر ڀرسان ڳوٺ ڌڻي بخش اوڳاھي جو رھواسي اٺن سالن جو معصوم نينگر عمران اوڳاھي بي ايس فيڊر/ بيگاري سنڌ فيڊر جي ڪپ تي راند کيڏندي پير ترڪڻ سبب ٻڏي فوت ٿي ويو۔ نينگر جي دانھن تي آسپاس جي بيٺل ماڻهن ڏسندي ئي بي ايس فيڊر ۾ ٽپو ڏيئي نينگر جي ڳولھا ڪئي ۽ اڌ ڪلاڪ جي ڳولھا بعد نينگر کي ٻاهر ڪڍيو ته نينگر دم ڌڻي در حوالي ڪري چڪو هو ۔ ٻئي پاسي نينگر جي فوت ٿيڻ واري خبر پوڻ بعد سندن جي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو جڏهن ته فوتي نينگر جي امڙ کي بيھوشي وارا دورا پئجي ويا ۽ ڳوٺ ۾ سوڳ ڇانئجي ويو