“غوثپور: غير قانوني ڪئنالن خلاف هندو پئنچايت جي سڏ تي ريلي، ‘سنڌو تي ڌاڙو نامنظور’ جا نعرا”

غوثپور ھندو پئنچايت غوثپور جي سڏ تي سنڌو مان نڪرندڙ غير قانوني ڇھن ڪئنالن جي خلاف اڄ رات مندر چوڪ کان سوين نوجوانن موبائيلن جون لائيٽون ٻاري احتجاجي ريلي ڪڍي۔ ان موقعي تي نوجوانن ڪئنال ٺاھيندين پادر کائيندين” سنڌو تي ڌاڙو نامنظور” ڪئنال سمورا نامنظور” سنڌو کي سڪائڻ بند ڪريو جا اڀ ڏاريندڙ نعرا ھڻي رھيا ھئا۔ ريلي جي اڳواڻي سادات برادري جو معزز اڳواڻ سيد منور علي شاه جيلاني۔ ھندو پئنچايت جو جنرل سيڪريٽري چوڌري رميش لال۔ ڪائونسلر برج لال۔ منوھر لال سونارو۔ سيد حسين احمد شاه ۽ ٻيا ڪري رھيا ھئا۔ ريلي مختلف بازارن کان ٿيندي مئن پريس ڪلب آڏو ختم ٿي۔ ان موقعي تي اڳواڻن ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ته سنڌ جي ھندو برادري ڪئنالن خلاف احتجاج ڪندڙ سمورن وڪيلن۔ استاد ۽ سول سوسائٽي جي مڪمل حمايت ڪري ٿي۔ اسان به انھن سان ان احتجاج ۾ گڏ آھيون ۽ مطالبو ٿا ڪريون ته سنڌ کي سڪائڻ جي ھر سازش جو مقابلو ڪرڻ وارين قوتن سان اسانجو ساٿ رھندو