“غوثپور لڳ روڊ حادثو: تيز رفتار ڪار جو ٽڪر، 8 ورهين جو نينگر فوت، ڊرائيور فرار”

ڪنڌڪوٽ رپورٽ عبدالخالق چاچڙ غوثپور لڳ تيز رفتار ڪار جو روڊ ڪراس ڪندڙ ٻار کي ٽڪر نينگر فوت ڪار ڊرائيور فرار ٿي ويو گهر م نينگر جو لاش پهچڻ تي قعورام مچي ويو واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو شھر ڀرسان مئن انڊس ھا۽ وي تي ڳوٺ ڳڙهي لاڙو واري علائقي ۾ روڊ ڪراس ڪندڙ نوجوان کي ڪار جو زوردار ٽڪر ٿي پيو ۔ ٽڪر جي نتيجي ۾ اٺن سالن جو نينگر جنيد احمد پٽ عبدالرشيد اوڳاھي موقعي تي فوت ٿي ويو ۔جڏهن ته اهڙي واقعي بعد موقعي جو فائدو وٺندي ڪار جو ڊرائيور واقعي واري هنڌ تان فرار ٿي ويو۔ هونڏانهن فوتي نينگر جو لاش گهر پهچڻ تي سندس گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ ڳوٺ اندر سوڳ ڇائنجي ويو۔ واقعي جو ڪيس داخل نه ٿي سگهيو آهي