غوثپور لڳ 40 ڏينھن اڳ جمال ڍوري واري علائقي مان اڻ ڄاتل ھٿياربندن ھٿان مبينه طور اغوا ٿيل نوردين بھلڪاڻي کي ڪشمور ضلعي جي پوليس هن وقت تائين بازياب نه ڪرائي سگهي آھي۔ جنهن بعد اڄ بھلڪاڻي برادري پاران ڳوٺ خاوند بخش بهلڪاڻي ۾ ڪٺ گهرايو ويو جنهن ۾ بھلڪاڻي برادري جي معززين توڙي برادري جي چڱن مڙسن سميت مختلف ڳوٺن مان برادري جي سوين ماڻھن شرڪت ڪئي۔ ان موقعي تي وڏيري سيف الله بھلڪاڻي. حبيب الرحمان. عبدالرزاق۔ قالو بھلڪاڻي۔مقدم غلام رسول بهلڪاڻي ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو 40 ڏينھن اڳ جمال ڍوري واري علائقي مان نور دين بهلڪاڻي سميت هٿياربند چئن ڄڻن کي اغوا ڪري ويا هئا جن مان ٽن مغوين کي ڀنگ عيوض آزاد ڪرايو ويو آهي جڏهن ته مغوي نور دين بهلڪاڻي هن وقت تائين ڏوهارين جي چنبي ۾ غوثپور جي ڪچي واري علائقي ۾ ڀنگ خاطر باندي بڻيل آهي۔ بھلڪاڻي برادري جي چڱن مڙسن جو وڌيڪ چوڻ هو ته اغوا ڪار ٽولي پاران مغوي نور دين کي زنجيرن ۾ جڪڙي مٿس وحشياڻو تشدد ڪرڻ واري ويڊيو وائرل ڪري مغوي جي آزادي عيوض ڏھ لک روپيا ڀنگ طلب ڪيو ويو آهي جيڪا رقم ڏيڻ اسان جي وس ۾ ناهي۔ ھنن چيو ته پوليس جي سکڻن دلاسن کان تنگ صبحاڻي ڇنڇر ڏهاڙي تي انڊس هائي وي تي ڌرڻو هڻي روڊ بلاڪ ڪرڻ جو حتمي فيصلو ڪري ڇڏيو آھي۔ ھنن اھو به چيو ته ڪشمور ضلعي ۾ شريف شھري جو رھڻ جنجال بڻجي ويو آھي