“غوثپور پوليس ناڪام، هڪ هفتي ۾ ڦرن جي ٽين واردات – واپاري عدم تحفظ جو شڪار”

غوثپور شھر کي پوليس ڏوھارين جي رحم ۽ ڪرم تي ڇڏي ڏنو۔۔ڏوھارين ھندو واپارين جو جيئڻ جنجال بڻائي ڇڏيو۔ ھڪ ھفتي اندر ڦر جي ٽين وڏي واردات ڏينھن ڏٺي جو ٿي ويئي۔ موٽر سائيڪل سوار ٻٽ ٻڌل ٽن ڏوھارين شھر جي مشھور ۽ مصروف دولي چوڪ واري علائقي ۾ مشھور ھندو واپاري سيٺ روشن مل جي آفيس تي چڙھائي ڪري سندس عملي کي ھٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي ھڪ لک اسي ھزار روڪ رقم ۽ چار موبائيل فونون ڦر ڪري فائيرنگ ڪندا آساني سان فرار ٿي ويا۔ پوليس چوڪي ڀرسان ھوندي به ڏوھاري فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا۔ شھر جي ھندو واپارين خوف سبب دوڪان ڇڏي ڀڄي ويا۔ واضع رھي ته ھڪ ھفتي اندر ڦر جي ھي ٽين وڏي واردات ڪئي ويئي آھي۔ ھن کان ھڪ ھفتو اڳ ڪريانه مرچنٽ جي واپاري داني مل کان شھر جي شاھي بازار ۾ سوا ٽي لک ڪلانشڪوف ڏيکاري ڦر ڪيا ويا جڏھين ته ٽي ڏينھن اڳ ٻن جنرل اسٽورن جي دوڪانن تي چڙھائي ڪري ٻھ لک جي لڳ ڀڳ پئسا ۽ ڪنڊيون ڦر ڪري فرار ٿي ويا جيڪي ڏوھاري به پوليس نه پڪڙي سگھي آھي۔ ھوڏانھن ھندو پئنچايت جي اڳواڻ مکي سريش لال آ۽ جي سنڌ کان مطالبو ڪيو آھي ته غوثپور ۾ امن امان جي بدتر صورتحال تي ڪنٽرول نه ٿيو ته شٽر بند ھڙتال ڪري سخت احتجاج ڪيا ويندا